ڀارت کي دبئي ۾ کيڏڻ جو فائدو آهي، آخري دنگل کٽڻ لاءِ پرعزم آهيون: سينٽنر

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارت جون سڀ ميچون دبئي اسٽيڊيم ۾ رکڻ ڪيترائي اڳوڻا ۽ موجوده ڪرڪيٽر اعتراض واري چڪا آهن، پر هاڻي فائنل کيڏندڙ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ميچل سينٽنر به ان معاملي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
پاڪستان کان دبئي پهچڻ تي نيوزيلينڊ جي ڪپتان چيو ته ڀارت پنهنجون سڀ ميچون دبئي ۾ کيڏيون آهن، جنهن سبب کين هتان جي پچن ۽ حالتن بابت ڄاڻ آهي.
ميچل سينٽنر جو چوڻ هو ته ظاهري طور تي پچ مان سمجهي سگهجي ٿو ته ڪيئن کيڏڻو آهي، لاهور جي ڀيٽ ۾ دبئي جي پچ ٿوري سست ٿي سگهي ٿي، پر اسان حالتن سان ايڊجسٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
هن چيو ته اسان ٽورنامينٽ جي هڪ بهترين ٽيم خلاف کيڏي رهيا آهيون، اميد آهي ته پهريان کان بهتر ڪرڪيٽ کيڏنداسين، سيمي فائنل مقابلي ٽيم سٺو پرفارم ڪيو رانديگر ساڳي ڪارڪردگي ورجائڻ لاءِ پرعزم آهن.
نيوزيلينڊ جي ڪپتان جو چوڻ هو ته هن ٽورنامينٽ ۾ ٽيمون مسلسل سفر ڪري رهيون آهن، جيڪو هڪ چئلينج آهي، اسان پاڪستان ۽ دبئي ٻنهي هنڌن تي کيڏيا آهيون، رانديگر صورتحال کي سمجهي چڪا آهن.
سندس چوڻ هو ته لاهور ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف سيمي فائنل سٺو ٿيو، رانديگرن هڪ طاقتور ٽيم خلاف بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري، فائنل هڪ الڳ مقابلو هوندو ، ڀارت خلاف گروپ ميچ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سٺو کيڏڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ ٽيم پنهنجو آخري گروپ ميچ ڀارت خلاف دبئي ۾ کيڏي هئي، جڏهن ته لاهور ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف سيمي فائنل کانپوءِ گذريل ڏينهن دبئي پهتي.
ٽورنامينٽ جو فائنل آچر تي دبئي ۾ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.