سون کي پر لڳي ويا، هزارين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون اگهه ۾ هزارين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 3 هزار رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 7 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي،جتي في اونس سون 28 ڊالر واڌ بعد 2921 ڊالرز تي پهچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.