گليسپي پاڪستاني ٽيم بابت گواسڪر جي بيان کي ” بڪواس “ قرار ڏئي ڇڏيو

سڊني (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جو تمام گهڻو ٽيلنٽ موجود آهي، بس صحيح رانديگر چونڊڻ ۽ کين سپورٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سنيِل گواسڪر پاڪستان جي چيمپيئنز ٽرافي ۾ ناڪامي تي تنقيد ڪندي چيو هو ته پاڪستاني ٽيم کي شايد ڀارت جي بي ٽيم کي به هارائڻ ۾ مشڪل پيش اچي.
ان تي ردعمل ڏيندي جيسن گليسپي گواسڪر جي بيان کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو.
سندس چوڻ پاڪستاني مئنيجمينٽ کي گهرجي ته صحيح رانديگر چونڊي کين ڀرپور وقت ڏين ته اِها ئي ٽيم ڪنهن به ٽيم کي شڪست ڏئي سگهي ٿي.
هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بهتر نتيجا چاهي ٿو ته سليڪشن ميرٽ تي ڪري، رانديگرن کي مڪمل سپورٽ ڪري ۽ ڪوچز کي موقعو ڏئي ته جيئن سٺا نتيجا حاصل ٿي سگهن.
ياد رهي ته جيسن گليسپي اڳ به موجوده عبوري هيڊ ڪوچ عاقب جاويد تي تنقيد ڪندي چيو هو ته عاقب جاويد، هيڊ ڪوچ ٿيڻ لاءِ هن ۽ گيري ڪرسٽن جي ساک کي نقصان پهچايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.