چولستان آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ هٿرادو ڏڪار پيدا ڪيو ويو آهي:وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار،  مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو ۽ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته چولستان آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ هٿرادو ڏڪار پيدا ڪيو پيو وڃي،آبپاشي کاتي سنڌ ۾ 50 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ڄاڻائي وارابندي جو شيڊول ترتيب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. اڳواڻن چيو ته وفاقي سرڪار ۽ اسٽيبلشمينٽ سنڌو درياهه مان غيرقانوني ڪئنالن وسيلي سنڌ کي سوڪهڙي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ سخت پاڻي کوٽ ٿيڻ جا امڪان آهن. ڇهن ڪئنالن ۽ چولستان رٿا وسيلي سنڌو درياهه کي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.