بحريا ٽائون ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي پوڻا 15 ارب جي قرضي

ڪراچي(م ڊ) بحريا ٽائون ڪراچي جي انتظاميه ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي سڀ کان وڏي قرضي بڻجي وئي، رهائشي منصوبي جي انتظاميا 6 سالن کان پاڻي جو بل ادا نه ڪيو،  جنهن ڪري رهتون 14 ارب 78 ڪروڙ رپين تائين پهچي ويون آهن، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن دعويٰ ڪئي آهي ته بحريا ٽائون ڪراچي جو مالڪ ملڪ رياض ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جو سڀ کان وڏو قرضي آهي، بحريا ٽائون انتظاميا گذريل 6 سالن کان واٽر ڪارپوريشن جا بل ادا نه ڪيا آهن، پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جا 14 ارب 78 ڪروڙ روپين جو قرض آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.