مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ننگرپارڪر لڳ ڏانو ڌاندل پيٽرول پمپ روڊ تي ننگرپارڪر طرف ايندڙ صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاه جي گاڏي جو امتحان ڏئي گهر موٽيندڙ موٽرسائيڪل سوار کي ٽڪر لڳڻ سبب ڳوٺ وينجهو جي ڍاڻي جو رهواسي اٺين ڪلاس جو شاگرد 14 سالن جو سنڀو ولد هريسنگه ٺڪر ٿڏي تي فوت ٿي ويو . جڏهن ته صوبائي وزير جي پوليس اسڪواد جي گاڏي فوتي شاگرد جو لاش ڏانوڌاندل ٿاڻي تي پهچايو جتان لاش تعلقه اسپتال ننگرپارڪر پهچايو پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو . ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڏانوڌاندل غلام مجتبي ڀٽو صحافين کي ٻڌايو ته صوبائي وزير سردار علي شاه جي گاڏي جي ٽڪر ۾ اٺين ڪلاس جو شاگرد ٿڏي تي فوت ٿي ويو هو ۽ پوليس پاران لاش ڏانوڌاندل ٿاڻي تي پهچائڻ بعد تعلقه اسپتال مان پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته جيڪڏهن وارث حادثي بابت ڪيس داخل ڪرائڻ لاء ٿاڻي تي ايندا ته ڪاروائي ڪئي ويندي . ٻئي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن ته فوتي نينگر پيٽرول پمپ تان تيل ڀرائي واپس گهر موٽي رهيو هو ته غلط سائيڊ تان ايندڙ صوبائي وزير جي گاڏي کيس چيڀاٽي موقعي تي ماري ڇڏيو ۽ صوبائي وزير پاران گاڏيون روڪڻ بدران پوليس کي هدايت ڪئي ته لاش کڻائي وارثن تائين پهچايو وڃي .