اسلام آباد(ع آ نيوز) پاڪستان دهشتگردي کان متاثر ملڪن جي عالمي رينڪنگ ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي. پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) پاڪستان ۾ ٿيندڙ اڪثر دهشتگرد حملن ۽ موت جي ذميوار آهي. سال 2025 لاءِ جاري ڪيل گلوبل ٽيررازم انڊيڪس (جي ٽي آءِ) 2024 جي انگن اکرن موجب درجه بندي ڪئي وئي آهي، جنهن موجب پاڪستان دهشتگردي جي چئلينجن جي حوالي سان 163 ملڪن مان چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي. انڊيڪس موجب دهشتگرديءَ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ برڪينا فاسو آهي، جنهن کانپوءِ پاڪستان ٻئي ۽ شام ٽئين نمبر تي آهي. هي انڊيڪس هڪ آسٽريليا جي بنياد تي ٿنڪ ٽينڪ انسٽيٽيوٽ آف اڪنامڪس اينڊ پيس (IEP) پاران تيار ڪندو آهي. گلوبل ٽيررازم انڊيڪس موجب 2024ع دوران پاڪستان ۾ ڪل 1099 دهشتگرد حملا ٿيا جن ۾ 1081 ماڻهو مارجي ويا. پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 45 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. 2024 تائين پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي 52 سيڪڙو موت جي ذميوار ٽي ٽي پي آهي. پاڪستان ۾ 2024 دوران، ٽي ٽي پي اڪيلو 482 کان وڌيڪ حملا ڪيا جن ۾ 558 ماڻهو مارجي ويا. بهرحال، 2024 دوران پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو حملو بلوچ عليحدگي پسند فوجي تنظيم بلوچستان لبريشن آرمي (BLA) پاران ڪيو ويو. نومبر 2024 ۾ ڪوئيٽا جي ريلوي اسٽيشن تي بي ايل اي جي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 ڄڻا مارجي ويا، جن ۾ عام شهري ۽ فوجي اهلڪار شامل هئا.