پ پ سنڌودرياهه وڪڻي رهي آهي:ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

مٽياري( رپورٽ: ضمير خاصخيلي ) جسقم (بشير خان قريشي) جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي مٽياري پريس ڪلب تي  پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي گذريل سترهن سالن کان مال غنيمت سمجهي لٽي رهي آهي پهريان سنڌ جا ادارا ڪرپشن ڪري کائي تباھ ڪيائون پوءِ سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڌاڙيل ڪلچر قائم ڪيائون ۽ هاڻي اسان جو جياپو سنڌو درياء به وڪرو ڪيو ويو آهي هن چيو ته درياهه سنڌ جي وڪري کانپوءِ سنڌ دنيا جو وڏي کان وڏو ريگستان بڻجي ويندي هن چيو ته جسقم (بشير خان ) طرفان اڄ ڀٽ شاھ ۾ پاڻي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي آهي جنهن ۾ جسقم اڳواڻ آصف بالادي مان ۽ حميد سبزوئي سنڌو تي ڪئنال اڏڻ خلاف ليڪچر ڏينداسين ته پاڻي کان بغير سنڌ جي صورتحال ڇا بيهندي هن چيو ته آئون سائين جي ايم سيد جو ادني ورڪر آهيان سڄي حياتي سنڌ خاطر جدوجهد ڪندي گذري آهي اڄ به جسقم جو حصو آهيان جسقم جي مخالفت جو سوچي به نه ٿو سگهان

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.