ڪراچي: ڊمپر موٽر سائيڪل تي سوار ٽن ڀائرن مٿان چڙهي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي بلديا لڪي چڙهائي ڀرسان ڊمپر 3 موٽر سائيڪل سوار ڀائرن مٿان چڙهي ويو.
ريسڪيو اختيارين موجب حادثي ۾ هڪ موٽر سائيڪل سوار نوجوان فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا، فوتي جي سڃاڻپ 25 ورهين جي راهب طور ٿي، جڏهن ته زخمين ۾ منير ۽ صاحب شامل آهن.
پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڊمپر پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس موجب حادثي جو شڪار ٿيندڙ ٽئي ڀائر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.