اڇوتن خيالن تي فلمون ٺاهيندڙ هدايتڪار انوراگ ڪيشپ هندي سئنما کي الوداع چئي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ناليواري فلمساز ۽ هدايڪتار انوراگ ڪشپ بالي ووڊ کي الوداع چئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، انوراگ ڪيشپ باظابطا طور تي فلمي دنيا ڇڏڻ جي تصديق ڪندي انڊسٽري کي ” زهريلو“ قرار ڏنو ، جيڪا رڳو باڪس آفيس جي انگن اکرن جي چوڌاري ڦري ٿي.
هدايتڪار مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي هند سئنما مان مايوسيءَ جو اظهار ڪندي انڪشاف ڪيو ته هو ممبئي به ڇڏي چڪو آهي.
انوراگ ڪيشپ جو چوڻ هو ته هو انڊسٽريءَ جي ماڻهن کي پري رهڻ چاهي ٿو، هي صنعت ڏاڍي زهريلي بڻجي وئي آهي، هر ڪو غير حقيقي هدفن پٺيان ڊوڙي رهيو آهي،
سندس چوڻ هو ته هو پنج يا اٺو سئو ڪروڙ جي بجيٽ واري فلم ٺاهڻ ۾ رڌل آهي، پران لاءِ تخليقي ماحول ختم ٿي چڪو آهي.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته انوراگ ممبئي ڇڏي امڪاني طور ڏکڻ ڀارتي شهر بئنگلورو شفٽ ٿي چڪو آهي.
انوراگ ڪيشپ ان کان اڳ ۾ به بالي ووڊ مان مايوسيءَ جو اظهار ڪنديڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي.
واضح رهي ته هدايتڪار انوراگ ڪيشپ هو ڀارتي فلمساز آهي جنهن ڪيئي ستارن کي متعارف ڪرايو، جن ۾ نواز الدين صديقي جهڙا فنڪار پڻ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.