سنڌ جا وڪيل 26هين ترميم خلاف متحد،ڪئنالن خلاف جدوجهد جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر)سنڌ جي وڪيلن سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪندي 26 آئيني ترميم کي جمهوريت، عدليا جي آزادي ۽ انساني حقن تي حملي قرار ڏئي ڇڏيو آهي،ڪنوينشن ۾ وڪيلن سنڌ بار ڪائونسل جي ڪجهه ميمبرن تي ڇتي تنقيد ڪندي حڪومت جو حمايتي هجڻ جو الزام هنيو،ڪنوينشن ۾ وڪيلن ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار  کي 48 ڪلاڪن ۾ نه ھٽائڻ جي صورت ۾ حيدرآباد کان سي ايم ھائوس تائين لانگ مارچ ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي،ڪنوينشن ۾ وڪيلن ڪينال سمورا نامنظور جهڙن نعرن سميت سنڌ جي گھرو کاتي جي وزير ۽ ايس ايس پي حيدرآباد خلاف نعريبازي ڪئي،ڪالهه حيدرآباد ۾ هاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد ۽ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار جي ميزباني هيٺ ٿيل آل سنڌ لائيرز ڪنوينشن ۾ وڪيلن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي،هاءِ ڪورٽ جي بارز، ڊسٽرڪٽ ۽ تعلقا بارن جي صدرن، جنرل سيڪريٽرين ۽ بار جي عهديدارن تقريرون ڪيون. ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي آڊيٽوريم ھال ۾ ٿيندڙ آل سنڌ لائيرز ڪنوينشن ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر اشعر مجيد کوکر،ھاءِ ڪورٽ بار جي صدر اياز تنيو،سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر سجاد علي چانڊيو،محمد سچل اعواڻ، ايڊوڪيٽ امداد علي انڙ،ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري،ايڊووڪيٽ فيصل مغل،ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ، ايڊووڪيٽ الطاف سچل اعواڻ، ايڊووڪيٽ عبدالوھاب منشي، ايڊووڪيٽ نويد جروار، ايڊووڪيٽ اسرار چانگ،ايڊووڪيٽ ظھرالدين سھتو، ايڊووڪيٽ عبدالستار سرڪي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبرن ۽ سنڌ جي ھاءِ ڪورٽ بار ۽ ضلعي تعلقا بار ايسوسيئيشن جي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ رحمان ڪورائي، نائب صدر ڪاظم مھيسر،ميمبر سنڌ بار ڪائونسل ايڊووڪيٽ نعيم قريشي،ملير ضلعي بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، ڄامشورو ضلعي بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ فھيم انڙ ۽ جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ واجد خاصخيلي،مورو تعلقي بار جي صدر ايڊووڪيٽ قادر علي ڪورائي،جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ امين الدين خاصخيلي،ميھڙ تعلقه بار جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ قلندر بخش جتوئي، ٽنڊومحمد خان ضلعي بار ايسوسيئيشن جي صدر منظور پنھور، ٽنڊوالهيار ضلعي بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ اگھيس سلام طاھرزادہ جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اختر حسين لغاري،دادو ضلعي بار ايسوسيئيشن جو صدر عبدالخالق ٻگھيو،سجاول ضلعي بار صدر ايڊووڪيٽ سجاد علي،ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ عبدالغني بجاراڻي،شڪارپور ضلعي بار ايسوسيئيشن ايڊووڪيٽ گدا حسين بلوچ جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ محمد علي جتوئي،لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر ايڊووڪيٽ محمد اسماعيل ابڙو جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ غلام مصطفي مگسي ڪنڊيارو تعلقا بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ سيد ناياب حسين شاھ جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ سفير رند، خيرپور ناٿن تعلقه بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ محمد صادق چانڊيو، شهدادپور تعلقا بار ايسوسيئيشن صدر ايڊووڪيٽ آغا افتخار حسين، سانگھڙ ضلعي بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ محمد اشرف علي، بدين ضلعي بار ايسوسيئيشن جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ امير آزاد پنھور،عمرڪوٽ ضلعي بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ شريف ڀيل،ميرپورخاص ضلعي بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ افضل ڪريم ورڪ، ٿرپارڪر ايٽ مٺي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ڪنور ڪمار ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 26 هين آئيني ترميم جي آڙ ۾ سنڌ ۾ اڻ اعلانيل ايمرجنسي مڙهيل آهي، سنڌ جي وڪيلن 26 ھين آئيني ترميم کي رد ڪري ڇڏيو آهي، 26 ھين آئيني ترميم کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، 26 ھين آئيني ترميم سان سڀ کان وڌيڪ متاثر سنڌ ٿي  رهي آھي، ٻيو ڪو به صوبو ايترو متاثر ناھي ٿيو، آئيني عدالت صرف سنڌ ۾ ٺاھي وئي آھي، جتي سڀ کان وڌيڪ آئيني حقن جي ڀڃڪڙي ٿئي پئي. وڪيلن سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪندي چيو ته پنجاب سنڌو درياھه مان غير قانوني ڪينال ڪڍي رھيو آھي،ڪينال واري منصوبي کي رد ڪيون ٿا،سنڌوءَ مان ڪينال ڪڍڻ زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي،سرڪار سمورا عوامي ادارا ۽ وسيلا وڪڻڻ کانپوءِ سنڌ جون زمينون ۽ درياهه به غيرملڪي سرمائيڪارن کي وڪرو ڪري رهي آهي،ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌوءَ جو پاڻي وڪرو ڪرڻ جي قانون سازي ڪئي وئي آهي، مٿان وري 6 نوان ڪينال ڪڍي سنڌ جو سمورو پاڻي ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي ڏيڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي،ڪينالن جو منصوبو فوري طور ختم ڪري، سنڌ کي سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه 1945ع موجب پاڻي ڏنو وڃي، 1945ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرڻ کانسواءِ منصفاڻي ورڇ ممڪن ناهي، ملڪ جا حڪمران نه 1940ع جي قرارداد تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ نه ئي وري 1945ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرڻ چاهين ٿا، ان ڪري سنڌ پنجاب پاڻي تڪرار جي حل لاءِ بين الاقوامي غيرجانبدار پاڻي ۽ ماحولياتي ماهرن جي روشني ۾ ڪميشن جوڙي وڃي ۽ سنڌ جو پاڻي پنجاب طرفان چوري ڪرڻ سبب سنڌ کي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي، سنڌوءَ تي ڪينال اڏي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. وڪيلن ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار کي فوري طور تي هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار عهدي جو اهل نه آهي،کيس هٽايو وڃي، حيدرآباد جو ايس ايس پي شھر ۾ امن امان نه ڪرائي سگھيو آھي،منشيات سرعام ھلي پئي، وڏيرڪي سوچ رکندڙ آفيسر کي حيدرآباد ۾ رھڻ جو ڪو به حق ناھي. ڪنھن به صورت ۾ ايس ايس پي ڊاڪٽر فرخ لنجار حيدرآباد ۾ قبول ناھي. ھاڻي کيس بدلي ڪرڻ سان گڏ نوڪري مان ڪڍيو وڃي، ايس ايس پي کي ھٽائڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏيون ٿا. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت کي ايس ايس پي فرخ لنجار جي بدلي لاءِ 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏيون ٿا 48 ڪلاڪن ۾ مطالبو منظور نه مڃيو ويو ته لانگ مارچ ڪنداسين. سڀني بارن ايسوسيئيشن جا وڪيل حيدرآباد ايندا ۽ ھتان کان لانگ مارچ ڪيو ويندو. سڀني کي گڏجي کڻي ھلنداسين.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.