ڊولفن اوچتو ٻيڙي ۾ ٽپو ڏئي مهاڻن جا ڇِرڪ ڪڍي ڇڏيا

نيوزيلينڊ ۾ مهاڻن کي ان وقت زندگي جو سڀ کان وڏو جهٽڪو لڳو، جڏهن سمنڊ ۾ شڪار دوران 400 ڪلو گرام وزني ڊولفن سندن ٻيڙي ۾ اچي ڪِري.
بي آف آءِ لينڊرز ۾ سالياني رسل فشنگ مقابلي دوران مهاڻن جي ان ٽيم جي ڏينهن جي شروعات عام انداز ۾ ٿي ۽ هنن مڇيون پڪڙڻ جي اميد سان ڏورين کي پاڻي ۾ وڌو.
پر صورتحال ان وقت تبديل ٿي، جڏهن ڊولفن پاڻي مان نڪري ٻه کان ٽي ميٽر اوچائي تي وئي ۽ سڌي ٻيڙي ۾ اچي ڪِري، جنهن سبب ٻيڙي مان ڪجهه سامان پاڻي ۾ ڪري پيو، جڏهن ته راڊن ۽ سامان واري بينچ ٽٽي پئي.
خوش قسمتي سان واقعي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو، رڳو هڪ مهاڻو معمولي زخمي ٿيو، مهاڻن فوري طور تي مقامي اختيارين ۽ ڪوسٽ گارڊز سان رابطو ڪري مدد طلب ڪئي.
ان موقعي تي ٽريڪٽر ذريعي ڊولفن کي کڻي واپس پاڻي ۾ پهچايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.