ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف چيو آهي ته هن دفعي جي چيمپيئنز ٽرافي کٽڻ جو امڪان آهي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راشد لطيف چيو ته ڀارت جي ڪارڪردگي ڏسي لڳي ٿوته چيمپيئنز ٽرافي هن ڀيري اِها کٽيندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بابت ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان چيو ته ٽيم جي سليڪشن ۾ غير پشيوراڻو رويو اختيار ڪيو ويو ۽ سليڪٽرز گهٻرائجي ويا.
پروگرام دوران احمد شهزاد جو چوڻ هو ته ڀارت جي ٽيم ڏاڍي مضبوط آهي، پاڪستاني ٽيم جو اعلان ڪيو ويو عوام ۽ ميڊيا کي هڪ ڀيرو وري بيوقوف بڻايو ويو.
هن چيو ته جن رانديگرن تي تنقيد ڪئي وئي انهن ڪنهن کي ٽي ٽوئنٽي ۽ ڪنهن کي ون ڊي ۾ رکي ويو، هڪ دفعو ڪري عوام جي اکين ۾ مٽي وڌي وئي.
اڳوڻي ڪرڪيٽر سڪندر بخت جو چوڻ هو ته اڃا تائين پاڪستان جي جنهن ٽيم جو نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ اعلان ٿيو آهي ان تي حيران آهيان، اِها ڪرڪيٽ سان زيادتي آهي.
واضح رهي ته ڀارتي ٽيم آسٽريليا کي 14 سالن کانپوءِ آءِ سي سي ناڪ آئوٽ مقابلي ۾ شڪست ڏئي چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل پهچي وئي آهي.