حيدرآباد: جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران 4 مارچ جي ڏهاڙي جي مناسبت سان“سنڌو درياهه تي ڌاڙو، سنڌ جي زمينن تي والار ۽ شاگرد سياست جو ڪردار” جي عنوان هيٺ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رٿيل ليڪچر پروگرام به انتظاميا ڪرڻ نه ڏنا، ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊو ڄام، لاڙڪاڻو، نواب شاهه، سڪرنڊ، خيرپور ميرس، سکر، گهوٽڪي، عمرڪوٽ، مٺي، سانگهڙ، بدين، ٽنڊو محمد خان، ڄامشورو، سجاول، ٺٽو، ميرپورخاص ۽ ٻين ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ جساف جي رٿيل ليڪچر پروگرامن جي ٿيڻ کان اڳ ئي پروگرام جي مقرر ٿيل هنڌن تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جا اٽالا پهچي ويا، اهلڪارن انهن جاين تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، جڏهن ته ليڪچر ڏيندڙ اڳواڻن ۽ دانشورن جي گهرن تي چڙهايون ڪيون ويون. نامياري اديب تاج جويو جي قاسم آباد واري رهائشگاهه تي پوليس چڙهائي ڪئي، نواب شاهه ۾ جسقم اڳواڻ سرفراز ميمڻ جي گهر تي چڙهائي ڪئي وئي.