ٽرمپ حڪومت جو ٿورائتو، پاڪستان آمريڪا کي گهربل دهشتگرد ڪيئن پڪڙيو؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دهشتگردي خلاف سهڪار تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا آهن.
ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدر جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ڪانگريس جي پهرئين ڊگهو ترين خطاب دوران چيو ته هو انتهاپسند دهشتگردي خلاف آهي ۽ اِهو اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته افغانستان ۾ دهشتگردي جو وڏو ذميوار پڪڙيو ويو آهي.
صدر ٽرمپ 2021ع ۾ ڪابل ڌماڪي جي دهشتگرد جي گرفتاري ۾ سهڪار تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڄاڻايل دهشتگرد جي گرفتاري تي هو پاڪستان جو خاص طور تي ٿورائتو آهي.
هن چيو ته ساڍا ٽي سال اڳ داعش 13 آمريڪي شهرين کي افغانستان ۾ قتل ڪيو هو، افغانستان ۾ آمريڪن کي قتل ڪندڙ کي آمريڪا آندو پيو وڃي ته جيئن هو آمريڪا ۾ قانوني ڪارروائي کي منهن ڏئي سگهي.
ان موقعي تي صدر افغانستان مان آمريڪي فوج جي نيڪالي کي انتهائي شرمناڪ قرار ڏنو.
آمريڪي صدر ڪانگريس جي تاريخ جي ڊگهي ترين تقرير ڪئي، جنهن جو دورانيو هڪ ڪلاڪ 39 منٽ ۽ 31 سيڪنڊ هو جڏهن ته ان کان اڳ 1993ع ۾ صدر بل ڪلنٽن هڪ ڪلاڪ 5 منٽن تائين ڪانگريس کي خطاب ڪيو هو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پاڪستان سي آءِ اي جي ڏنل معلومات جي بنياد تي داعش جي ڪمانڊر کي گرفتار ڪيو جيڪو 2021ع ۾ افغانستان مان آمريڪي فوج جي نيڪاليءَ وقت ڪيل ڀوائتي دهشتگرد سازش ۾ ملوث هو.
رپورٽ موجب، 2021ع ۾ ڪابل ايئرپورٽ جي ايبي گيٽ تي دهشتگردي جي ان واقعي ۾ 13 آمريڪي فوجي ۽ 170 افغان شهري ماريا ويا هئا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، محمد شريف الله داعش جي انهن دهشتگردن جي فهرست ۾ شامل آهي جنهن مبينا طور ان دهشتگردي جي سازش ڪئي هئي، هو دهشتگرد جعفر جي نالي سان به ڄاتو وڃي ٿو، کيس پاڪستاني ڳجهي ايجنسي گرفتار ڪيو هو ۽ هاڻي کيس پاڪستان کان آمريڪا منتقل ڪيو پيو وڃي.
هڪ آمريڪي اهلڪار ميڊيا کي ٻڌايو ته 26 آگسٽ تي دهشتگردي جي ان واردات جو شريف الله ئي ماسٽر مائنڊ آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، صدر ٽرمپ عهدو سنڀاليندي ئي سي آءِ اي ڊائريڪٽر کي هدايت ڏني هئي هو ايبي گيٽ دهشتگردي ۾ ملوث عنصرن کي پڪڙڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري.
سي آءِ اي سربراهه عهدو سنڀالڻ جي ٻئي ڏينهن ئي پاڪستان ۾ سينيئر اختيارين سان اِهو معاملو اُٿاريو ۽ پوءِ فيبروري ۾ ٿيل ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ به پاڪستان جي هڪ اعليٰ سيڪيورٽي عهديدار سان ان معاملي تي تي ڳالهايو هو.
پر واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان ان معاملي جي تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.