ٽرمپ جا ٿورائتا آهيون، امن لاءِ ڀائيواري جاري رکنداسين: شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان دهشتگردي خلاف سهڪار ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي تسليم ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيا آهن.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٽرمپ افغانستان ۾ دهشتگردي خلاف ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف ڪيو، جنهن تي اسان سندس ٿورائتا آهيون.
هن چيو ته ٽرمپ داعش ڪمانڊر شريف الله جي گرفتاري جي معاملي تي پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو، هو افغان شهري ۽ هڪ گهربل دهشتگرد آهي، پاڪستان سدائين دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان دهشتگردي جي هر شڪل کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون ۽ ان ڪوشش ۾ پاڪستان عظيم قربانيون ڏنيون آهن، اسان علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ آمريڪا سان ويجهي ڀائيواري جاري رکنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.