اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ سويلينز جي ملٽري ٽرائل ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي جسٽس محمد علي مظهر چيو آهي ته آرمڊ فورسز عدليا جو حصو آهي، ڪنهن عدالتي فيصلي ۾ ناهي لکيل ته ملٽري ڪورٽ عدليا آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ سويلينز جي ملٽري ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي عهديدارن جي وڪيل عابد زبيري دليل ڏنا.
عابد زبيري چيو ته ايف بي علي 1965 جي جنگ جو هيرو هو، جنهن تي رٽائرمينٽ کانپوءِ پنهنجي آفيس تي اثر رسوخ جو الزام لڳو، هڪ رٽائرڊ شخص ڪيئن پنهنجي آفيس استعمال ڪري سگهي ٿو؟
هن چيو ته جنرل ضياءَ ايف بي علي جو ملٽري ٽرائل ڪيو ۽ پوءِ جنرل ضياءَ ئي 1978 ۾ ايف بي علي کي ڇڏي ڏنو، ان تي جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته جيڪو ڪم ايف بي علي ڪرڻ چاهيو اهو ضياءَ ڪيو.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته آرمي ايڪٽ ۾ ملٽري ٽرائل لاءِ مڪمل طريقي ڪار فراهم ڪيو ويو آهي، بنيادي حقن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي پر آرمي ايڪٽ ۾ فراهم ڪيل طريقي ڪار تي عمل نه ڪرڻ الڳ ڳالهه آهي، طريقي ڪار تي عمل نه ٿئي ته ان جي هجڻ جو ڪو فائدو ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته ملٽري ڪورٽ تي ٻه اعتراض آهن، هڪ اعتراض ته ملٽري ٽرائل اڻ ڌريو ناهي ٿيندو، ٻيو اعتراض ته ٽرائل ڪندڙن تي قانوني تجربو نه هجڻ جو الزام لڳايو ويو، آرمي جو ڪم ڪهڙو هوندو آهي؟ آرمي جي ڪم ۾ ايگزيڪيوٽو ڪٿان اچي ويو؟
ان تي عابد زبيري جواب ڏنو ته فوج جو ڪم سرحد تي وڙهڻ آهي، جسٽس مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته فوج جو ڪم ملڪ جو دفاع ڪرڻ آهي.
جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته ڇا توهان ملٽري ڪورٽ کي تسليم ڪيو ٿا؟ جيڪڏهن تسليم ڪيو ٿا ته نتيجا ڪجهه ٻيا هوندا، جسٽس منيب اختر ملٽري ڪورٽ کي عدليا نه لکيو، اڄ تائين جيترا به فيصلا ٿيا ڪنهن ۾ به ملٽري ڪورٽ بابت ڪليئريٽي ناهي.
عابد زبيري چيو فوجي ملڪيتن تي حملن جي معاملي تي ترميم ڪئي وئي، جسٽس حسن رضوي چيو حملا ته هاڻ به ٿي رهيا آهن، گذريل ڏينهن بنون گينٽ ۾ حملو ٿيو.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اڳ ۾ ملٽري ڪورٽ کي جڊيشري تسليم ڪيو، پوءِ عدليا کان الڳ ڪرڻ جي ڳالهه ڪيو، آرمڊ فورسز عدليا جو حصو ناهن، ڪنهن عدالتي فيصلي ۾ ناهي لکيل ته ملٽري ڪورٽ عدليا آهي.
جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته قانون ۾ ملٽري ڪورٽ ناهي، ڪورٽ مارشل جو لفظ استعمال ٿيو آهي.
وڪيل عابد زبيري چيو ته فوجي عدالتن ۾ ٽرائل رڳو انهن سويلينز جو ٿي سگهي ٿو، جيڪي فوج جو حصو هجن، آرٽيڪل 10 اي ۽ آرٽيڪل 4 جي موجودگي ۾ سويلينز جو ڪورٽ مارشل ممڪن ناهي، سيڪشن ٽوڊي تحت جوابدارن تي آرٽيڪل 8 جي ذيلي شق 3 اي لاڳو نٿي ٿئي.
پوءِ آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
”آرمڊ فورسز عدليا جو حصو ناهي، ڪنهن عدالتي فيصلي ۾ ناهي لکيل ته ملٽري ڪورٽ عدليا آهي“
Next Post
You might also like