قائد آباد ۾ ڦر، نجي ڪمپني جو اڪائونٽنٽ قتل

ڪراچي (م ڊ) قائد آباد ريڊيو پاڪستان مڇي مارڪيٽ ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نجي ٽيڪسٽائل مل جو اڪائونٽنٽ 57 ورهين جو محمد عمران فيروز مارجي ويو. ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون موجب، مقتول پنهنجي ٽن ساٿين سان گڏ هاءِ روف گاڏي ۾ موجود هو، جڏهن ته سلينڊر وٺڻ لاءِ لهڻ دوران 125 موٽر سائيڪل تي سوار ٽن هٿياربند حملو ڪيو. مقتول گاڏي ڏانهن ڀڳو، پر فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو ۽ اسپتال منتقل ٿيڻ کان اڳ دم ڏنائين. ڦورو هاءِ روف ۾ موجود سيڪيورٽي گارڊ کان هٿيار ۽ رقم سان ڀريل ٿيلهو ڦري فرار ٿي ويا. پوليس واقعي واري هنڌان نائين ايم ايم پسٽل جو خول هٿ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي. هلندڙ سال دوران ڦر جي واقعن ۾ مزاحمت سبب مارجي ويل شهرين جو انگ 16 ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.