ڄامشورو: ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا چيو آهي ته روڊ بند ڪرڻ عام ماڻھن کي تنگ ڪرڻ پوليس اھلڪارن عملدارن کي زخمي ڪرڻ پوليس موبائيل کي نقصان پهچائڻ مھذب معاشري جي فردن جو ڪم ناھي اسان قانون جي پاسداري ڪندي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون ماڻھن جي تحفظ ڪري ايڪشن کنيو ۽ روڊ کولرايو. ھن چيو ته اسان پڙھندڙ شاگردن جو مستقبل خراب ڪرڻ نٿا چاھيون جڏهن ته انتشار پکڙيندڙ شاگردن خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي مٿن ڪيس داخل ڪيو ويندو.