ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ)سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 32 سيڪڙو تائين پهچي وڃڻ باوجود ارسا سنڌ کي حصي کان 38 سيڪڙو گهٽ پاڻي فراهم ڪيو آهي جڏهن ته مارچ جي ٻي ڏهي ۾ سنڌ اندر پاڻي کوٽ 50 سيڪڙو تائين پهچڻ جو خدشو آهي،دستاويزن توڙي سرڪاري ذريعن موجب سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 32 سيڪڙو تائين پهچي ويئي آهي جنهن ڪري سنڌ ۾ آڳاٽو خريف شديد متاثر ٿيڻ جا امڪان آهن سنڌ جي حصي 40 هزار 1 سئو ڪيوسڪ جي جاءِ تي فقط 25 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي جنهن ڪري سنڌ ۾ مارچ جي ٻي ڏهي ۾ پاڻي کوٽ وڌي 45 کان 50 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي ٻي طرف سنڌ ۾ شديد کوٽ باوجود پنجاب تونسا پنجند لنڪ ڪئنال کولي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هڪ هزار ڪيوسڪ تائين پاڻي کڻي رهيو آهي سنڌ کي حصي کان گهٽ پاڻي ملڻ سبب گڊو بئراج تي پاڻي کوٽ 4 سيڪڙو سکر بئراج تي پاڻي کوٽ 40 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي کوٽ 6 سيڪڙو تائين پهچي ويئي آهي جيڪا مجموعي طور تي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 32 سيڪڙو ٿي ويئي آهي پر ارسا ۽ پنجاب جي هوڏ سبب پنجاب کي حصي مان فقط 4 سيڪڙو گهٽ پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي ٻي طرف پنجاب ٿل ڪئنال ۾ 4 هزار 5 ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهيو آهي جڏهن ته جهلم درياء مان ايندڙ پاڻي جو ڪجھ حصو منگلا ڊيم ۾ جمع ڪيو پيو وڃي سنڌ ۾ مارچ جي آخر ۽ اپريل جي پهرين ڏهي تائين پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو کان به وڌي وڃڻ جو امڪان آهي ٻي طرف سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ باوجود سنڌ جي آبپاشي کاتي واري سيڪريٽري ظريف کيڙي توڙي سنڌ جي آبپاشي واري وزير ۽ سنڌ جي وڏي وزير پاڻي جي اهم مسئلي تي لاڳيتو خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي,سنڌ جي حصي مان 38 سيڪڙو جي ڪٽ لڳڻ باوجود ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي پڻ خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي,هوڏانهن ارسا اختيارين سنڌ جي حصي مان 38 سيڪڙو ۽ پنجاب جي حصي مان فقط 4 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي آهي پنجاب کوٽ ۾ ڀائيواري کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.