راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي مشعال يوسفزئي کي پنهنجي ترجمان جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ باني جي وڪيل تابش فاروق ٻڌايو ته بشريٰ بي بي مشعال يوسفزئي کي هٽائي پنهنجا چار فوڪل پرسن مقرر ڪيا آهن.
هن ٻڌايو ته فوڪل پرسنز ۾ نعيم پنجوٿا، مبشر اعواڻ، خالد يوسف ۽ راءِ سلمان شامل آهن.
تابش فاروق جو چوڻ هو ته ملاقات دوران پي ٽي آءِ باني، بشريٰ بي بي ۽ پارٽي جي قيادت موجود هئي، جتي بشريٰ بي بي واضح طور چيو ته مشعال يوسفزئي هاڻ سندس ترجماني نه ڪندي.
You might also like