لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد چيو آهي ته بابر اعظم ۽ شاهين آفريدي کي ڊراپ ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته سندن نالن تي مڪمل طور ڪراس لڳايو ويو آهي.
لاهور ۾ نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ پاڪستاني ٽيم جي اعلان ڪندي هن چيو ته هو چيمپيئنز ٽرافي ۾ شڪست جي ذميواري قبول ڪري ٿو، پر ڪاميابي لاءِ رانديگرن جي چونڊ کان وٺي بورڊ جي قيادت تائين استحڪام ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪارڪردگي ۾ تسلسل لاءِ بورڊ ۾ به تسلسل هجڻ گهرجي.
عاقب جاويد چيو ته ڀارت خلاف کيڏڻ هميشه مشڪل پيش ايندي آهي، نيوزيلينڊ جو دورو هڪ چئلينج آهي، پر رانديگر انهيءَ مان سکندا.
هن ٻڌايو ته ڪامران غلام کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ لاءِ آندو ويو هو ۽ انگلينڊ خلاف سٺو کيڏيو.
ون ڊي ڪرڪيٽ وڌيڪ چئلينجنگ بڻجي چڪي آهي، فيلڊنگ بابت به ڪيترائي خدشا آهن، انڪري ڪامران غلام کي انهيءَ حساب سان ڏسڻو پوندو.
ساجد خان بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هن وٽ وائيٽ بال ۾ ڪا اهڙي ڪارڪردگي نه آهي جو کيس قومي ٽيم ۾ شامل ڪيو وڃي.
شاداب خان جي حوالي سان عاقب جاويد جو چوڻ هو ته سندس انجري جي ڪري ڪارڪردگي متاثر ٿي، پر ٽيم ۾ آل رائونڊر جي کوٽ محسوس ٿي رهي هئي، ان ڪري کيس شامل ڪيو ويو.
شاداب خان جي ٽي ٽوئنٽي ۾ قيادت جو تجربو بهتر آهي، سندس انداز جارحاڻو آهي ۽ مائنڊ سيٽ به سٺو آهي. سلمان آغا ۽ شاداب جو گڏجڻ ٽيم لاءِ لاڀائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.
بابر اعظم ۽ شاهين آفريدي کي ڊراپ ڪرڻ بابت هن وضاحت ڪندي چيو ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ پهريان کان گهڻي تبديل ٿي چڪي آهي، ان ڪري جارحاڻو انداز اختيار ڪرڻ لاءِ نون رانديگرن کي موقعو ڏنو ويو آهي.
هيڊ ڪوچ چيو ته ٽاپ آرڊر ۾ فائر پاور جي ضرورت آهي، ساڳيو منطق محمد رضوان لاءِ به لاڳو ٿئي ٿو.
هن چيو ته شاهين آفريدي هاڻي به ٽي ٽوئنٽي جو سٺو بالر آهي ۽ اهو ضروري ناهي ته کيس هميشه ٽي ٽوئنٽي لاءِ چونڊجي، ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ تائين مضبوط ٽيم ٺاهڻ لاءِ رانديگرن تي اعتماد ڪرڻو پوندو.
هن وڌيڪ چيو ته صائم ايوب ۽ فخر زمان به فٽ ٿي واپس اچي سگهن ٿا ۽ کين بينچ اسٽرينٿ طور ڏٺو پيو وڃي.
ياد رهي ته پاڪستان جي نيوزيلينڊ دوري لاءِ ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي اسڪواڊز جو اعلان ڪيو ويو آهي.
بابر اعظم، محمد رضوان ۽ نسيم شاهه کي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو، جڏهن ته سلمان علي آغا کي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ شاداب خان نائب ڪپتان طور واپسي ڪئي آهي، جڏهن ته محمد رضوان ون ڊي ٽيم جي قيادت جاري رکندو.
چيمپيئنز ٽرافي جي اسڪواڊ ۾ شامل شاهين آفريدي، حارث رئوف، سعود شڪيل ۽ ڪامران غلام کي ون ڊي اسڪواڊ مان به ڊراپ ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽي ون ڊي ميچن جي سيريز 16 مارچ کان شروع ٿيندي.
You might also like