اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزيراويس لغاري چيو آهي ته عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اويس لغاري چيو ته بجلي جي في يونٽ قيمت سراسري 4.96 رپيا گهٽ ٿي آهي، جڏهن ته سرڪلر ڊيٽ جي خاتمي لاءِ اڳواٽ ئي پروگرام جوڙي چڪا آهيون.
هن ٻڌايو ته توانائي واري شعبي ۾ سڌارا آندا ويا آهن ۽ حڪومت هاڻي بجلي خريد نه ڪندي.
وفاقي وزير موجب، ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو عمل جاري آهي، جنهن سان اربين رپين جي بچت ٿيندي.
هن چيو ته بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نقصانن ۾ گهٽتائي آندي وئي آهي، جڏهن ته صنعتي ۽ زرعي شعبي کي سستي بجلي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
اويس لغاري جو چوڻ هو ته آءِ پي پيز سان معاهدن تي نظرثاني ڪرڻ سان 1333 ارب رپيا بچايا ويا آهن.
هن ان ڳالهه جي به وضاحت ڪئي ته بجلي ڪمپنين ۾ ڪو به سفارشي بورڊ ناهي، ڪمپنين جا نقصان گهٽ ڪيا ويا آهن، انهن نقصانن کي ٻڙي تائين آڻڻ جو ارادو آهي ۽ ڪيپيسٽي پيمنٽ گهٽائي بجلي کي وڌيڪ سستو ڪيو ويندو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ايندڙ اونهاري کان اڳ بجلي وڌيڪ سستي ڪئي ويندي، جڏهن ته موٽر سائيڪلن ۽ رڪشن لاءِ چارجنگ اسٽيشنز تي بجلي جي قيمت گهٽ ڪئي ويندي.
You might also like