اسلام آباد (م ڊ) گهرو معاملن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي مان اغوا بعد حب ۾ ساڙي قتل ڪيل نوجوان مصطفيٰ عامر جي ڪيس جي جاچ سلسلي ۾ ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي ۾ عبدالقادر پٽيل، آغا رفيع الله ۽ نبيل گبول شامل آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم ج خواجه اظهار الحسن به ڪميٽي جو حصو هوندو، ڪميٽي ايندڙ اجلاس تي آءِ جي سنڌ کي به طلب ڪري ورتو آهي.
منشيات ڪيس ۾ صوبائي وزير جي پٽ کي ڪلين چٽ؟
اوٽاوا/ڪراچي(حنيف دوامي+امداد سومرو)ساحر حسن جي منشيات ڪيس ۾ سنڌ جي هڪ اهم صوبائي وزير جي پٽ جي نالي جو هُل متل هو،پوليس ذريعا ان نوجوان جي ملوث هئڻ واري موقف تان پٺتي هٽي ويا،ذريعن موجب صوبائي وزير جي پٽ جا مصطفيٰ عامر،ارمغان قريشي ۽ ساحر حسن سان دوستي هئي،ڪيس جي جاچ ڪندڙ ذريعن ئي ٻڌايو هو ته وزير جو پٽ منشيات وڪري ۽ استعمال ڪرڻ ۾ ملوث آهي،حڪومتي حلقن ۾ هلچل مچڻ بعد هاڻي جاچ ڪندڙ ذريعن پنهنجي موقف کي پٺي ڏئي ڇڏي آهي ۽ وزير جي پٽ کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي آهي،ذريعن موجب ان حوالي سان جاچ ڪندڙن تي دٻاءُ هو؟وزير خلاف ڪنهن سياسي دشمني پاڙي آهي؟ يا ڪو ٻيو سبب آهي پر هاڻي وزير جي پٽ کي ڪلين چٽ ملي رهي آهي،ٻاهر ويٺل صحافي چيو ته ان ڪيس جي حوالي سان مون تي سخت دٻاءُ آهي ۽ ڌمڪيون ملي رهيون آهن، مان ان وزير کان معذرت ڪريان ٿو جنهن جي پٽ جي حوالي سان خبر هلائي آهي.
واحد شاهد آهيان، اعتراف لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي: شيراز
ڪراچي (رپورٽر/م ڊ) ڪراچي ۾ مصطفيٰ عامر جي اغوا ۽ قتل واري ڪيس ۾ جوابدار شيراز حسين بخاري عدالت ۾ بيان ڏنو ته مان اکين ڏٺو شاهد آهيان، مون تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته ڏوهه جو اعتراف ڪري وٺان. هن قلم 164 تحت مئجسٽريٽ کي بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته ارمغان مصطفيٰ کي منهنجي سامهون قتل ڪيو، جن حالتن ۾ قتل ٿيو، مان مصطفيٰ کي بچائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيس. شيراز جي بيان تي عدالت جاچ آفيسر جي شيراز جي اعترافي بيان واري درخواست رد ڪري ڇڏي. خيال رهي ته پوليس آڏو اعترافي بيان جي عدالت ۾ قانوني حيثيت ناهي هوندي. شيراز کي جاچ آفيسر جي اعترافي بيان جي درخواست جي سلسلي ۾ مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو. شيراز بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ارمغان مصطفيٰ کي لوهه جي راڊ سان ماريو ۽ مون کي هٿيار جي زور تي بلوچستان وٺي ويو جتي مصطفيٰ جي گاڏي کي باهه ڏني وئي. هن پوليس اهلڪارن تي تشدد جو به الزام لڳايو. پوليس شيراز جي الزامن تي ڪو تبصرو ناهي ڪيو.