وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو وچ ۾ رٿيل ملاقات ملتوي

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ ڪالهه رٿيل ملاقات ملتوي ٿي وئي آهي، ذريعن موجب، بلاول ڀٽو زرداري مصروفيتن سبب اسلام آباد جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو، جنهن سبب وزيراعظم سان سندس ملاقات به نه ٿي سگهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي هڪ ٻن ڏينهن ۾ اسلام آباد پهچندو، جتي هو وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪندو، ياد رهي ته هن ملاقات ۾ حڪومت جا انتظامي معاملا ۽ معاهدن بابت پ پ جي خدشن تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.