ڪراچي: روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل صحافي تشڪيل سنديلو جو ڪيس ٽيپو سلطان ٿاڻي تي داخل

ڪراچي: ڪراچي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل صحافي تشيڪل سنديلو جو ڪيس ٽيپو سلطان ٿاڻي تي داخل ٿي ويو.
صحافي برادري سينيئر صحافين مشتاق سرڪي، قاضي شفيق احمد، مقبول سنديلو، حزب الله تنيو، تصوير سنديلو، صفدر وڳڻ ۽ ٻين وفد جي صورت ۾ ٿاڻي پهچي صحافي تشڪيل سنديلو ۽ ساٿي سوار ثاقب امتياز جو ڪيس داخل ڪرايو.
صحافين پوليس کان حادثي بابت تفصيل معلوم ڪيا ۽ جوابدار جي نشاندهي جي حوالي سان ڪنهن اڳڀرائي تي گفتگو ڪئي، پوليس چيو ته جاچ جاري آهي، تمام جلد جوابدار تائين پهچي وينداسين.
صحافين پوليس کي ٻن ڏينهن جي مهلت ڏيندي چيو ته توهان جي جاچ مان مطمئن آهيون.
ان موقعي تي سينيئر صحافي مشتاق سرڪي چيو ته صحافي تشڪيل سنديلو جو قدرتي موت ناهي ٿيو، کيس روڊ حادثي ۾ قتل ڪيو ويو آهي، اسان ڪهڙي به صورت ۾ خاموش ٿي نه ويهنداسين.
هن چيو ته سنڌ حڪومت کي جوابدار جي گرفتاري ڪرڻ سان گڏ صحافي تشڪيل سنديلو جي معصوم ٻارڙن جي واهر لاءِ به اڳتي اچڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.