ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي بوٽ بيسن فوڊ اسٽريٽ تي شهري تي تشدد واري ڪيس ۾ ڌرين وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو.
ڊي آءِ جي ڏکڻ علي رضا تصديق ڪئي ته ٻنهي ڌرين ٺاهه ڪري ورتو آهي، پر ان جو راضي نامي جو قانوني ڪارروائي تي اثر نه پوندو.
هن چيو ته جوابدار شاهه زين مري ڪراچي ۾ جتي مليو ته کيس ضرور گرفتار ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪيس جو چالان لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
ياد رهي ته 19 فيبروري جي رات شاهه زين مري ۽ سندس ساٿين هڪ شهري جي گاڏي کي پنهنجي جيپ سان ٽڪر هنيو ۽ پوءِ هٿيارن جي زور تي کيس تشدد جو نشانو بڻايو هو.
You might also like