مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) رمضان المبارڪ شروع ٿيندي ئي سڄي دنيا مان عمري جي ادائيگي لاءِ زائرين مڪي پهچي رهيا آهن، جتي هن سال کين هڪ نئين سهولت فراهم ڪئي ويندي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، انتظاميا پهريون ڀيرو عمري زائرين کي مسجد الحرام جي اندر ئي حلق (وار ڪوڙائڻ يا ٺوڙهه ڪرائڻ) جي سهولت ڏني آهي.
رپورٽ موجب، اِها آزمائشي سهولت حج ۽ عمري جي زائرين لاءِ خدمتن جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن جو حصو آهي.
مروه جي سامهون پنج مختلف هنڌن تي موبائل گاڏين اندر باربر شاپ قائم ڪيا ويا آهن، جيڪي رش دوران آسانيءَ سان اڳتي پوئتي ٿي سگهن ٿيون.
انهن سينٽرن تي ماهر حجام مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي مڪمل سينيٽائزڊ اوزارن سان زائرين کي محفوظ ۽ صفائيءَ سهولت فراهم ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته حج ۽ عمري لاءِ سڀئي رڪن مڪمل ڪرڻ کان پوءِ احرام مان نڪرڻ لاءِ ٺوڙهه ڪرائڻ ضروري هوندي آهي.
Next Post
You might also like