اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو وفد ايندڙ قسط بابت ڳالهين لاءِ پاڪستان پهچي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان آءِ ايم ايف جا وڏا شرط پورا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
ذريعن موجب، فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) 6008 ارب رپين جو ٽيڪس هدف حاصل نه ڪري سگهيو، جنهن سبب حڪومت آءِ ايم ايف کان ٽيڪس هدف ۾ نرمي لاءِ درخواست ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.
رپورٽن موجب، زرعي آمدني تي ٽيڪس وصوليءَ ۾ دير تي رعايت وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جڏهن ته پيٽروليم ليوي 70 رپيا في ليٽر ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته زرعي آمدني تي ٽيڪس بابت قانونسازي مڪمل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف بجلي ۽ گئس سبسڊيءَ ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو خواهشمند آهي، بجيٽ خساري کي گهٽائڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جو امڪان آهي.
You might also like