عمران خان اڊيالا جيل جي ڊيٿ سيل ۾ قيد؟ پي ٽي آءِ جي وڏي دعويٰ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شيخ وقاص دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي اڊيالا جيل جي ڊيٿ سيل ۾ رکيو ويو آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيخ وقاص چيو ته قانوني طور تي عمران خان سان ملاقات جي اجازت هجڻ باوجود کيس قيد تنهائيءَ ۾ رکيو ويو آهي.
هن جو چوڻ هو ته عدالتي فيصلي موجب، 6 ماڻهن کي ملاقات جي اجازت آهي، پر توهين عدالت جي درخواست باوجود به عمران خان ملاقات نٿي ڪرائي وڃي.
هن دعويٰ ڪئي ته عمران خان کي نه رڳو سياسي ساٿين سان ملڻ کان روڪيو ويو آهي، پر سندس گهروارن کي به ملاقات جي اجازت نه پئي ڏني وڃي، خيبرپختونخوا جي وڏي وزيرٰ کي به ملاقات جي اجازت نه ملي.
شيخ وقاص جو چوڻ هو ته عمران خان تي ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، هو وڪيلن سان ڪيئن صلاح مشورا ڪندو؟ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، جيل انتظاميا عمران خان کي اخبارون به نه ٿي ڏئي، ۽ سندس ڪتاب روڪيا ويا آهن.
هن اهو به چيو ته عدالتي حڪمن جي باوجود عمران خان کي پنهنجي ٻارن سان ملاقات ڪرڻ نه پئي ڏني وڃي. وڪالت نامي تي صحيح ڪرڻ جي به اجازت نه پئي ڏني وڃي، جنهن مان حڪومت جي ذهنيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، حڪومت جون اهڙيون حرڪتون احتجاج تي مجبور ڪري رهيون آهن.
پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته عمران خان جا مضبوط اعصابن وارو شخص آهي، کيس ٽوڙڻ ممڪن ناهي، حڪومت کي گهرجي ته سندس ذاتي ڊاڪٽر کي طبي معائني جي اجازت ڏئي.
وفاقي حڪومت جي رمضان پيڪيج تي تنقيد ڪندي شيخ وقاص چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ 15 هزار رپيا احساس پروگرام تحت ڏنا ويندا هئا، جڏهن ته خيبرپختونخوا حڪومت هاڻ 10 هزار رپيا في خاندان ڏئي رهي آهي.
هن جو چوڻ هو ته مهانگائي جي باوجود وفاقي حڪومت رڳو 5 هزار رپيا رمضان پيڪيج ڏئي رهي آهي، سرڪار کي ذاتي مشهوري بدران عوامي ڀلائيءَ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.