پنڊي ۾ پير سان پنجاهه ڪروڙن جو فراڊ؟روحاني طاقت لڳائڻ باوجود مريد هٿ نه آيو

اسلام آباد(جاويد چوڌري)راولپنڊي جي هڪ وڏي پير سان ڪروڙين رپين جو فراڊ ٿي ويوخبر موجب راولپنڊي جي هڪ وڏي پير وٽ هڪ وڏي گاڏي ۾ هڪ شخص آيو ۽ سندس هٿن کي چميون ڏئي پيرين پوي سندس پيراندي ويهي رهيو ۽ کيس چيو ته مان 6 سال اڳ توهان وٽ آيو هئس ان وقت منهنجون حالتون بهتر نه هيون توهان پاران پٺي ٿڦڻ ۽ دعا ڪرڻ کانپوءِ منهنجا ڀاڳ کلي پيا،هاڻي ارب پتي بڻجي ويو آهيان،هن ويندي ويندي پير کي لفافي ۾ 12 لکن جو نذرانو ڏنو،مهيني بعد وري 15 لکن جو نذرانو ڏنو،ٽئين ڀيري پير لاءِ نئين مرسيڊيز گاڏي کڻي آيو،پير هن مان وڏو خوش ٿيو، هڪ ڀيري پير کيس فون ڪري چيو ته تون ڪهڙو ڪم ڪندو آهين،ان فراڊئي عبدالوحيد جواب ڏنو ته ڪراچي ۾ ريئل اسٽيٽ جو ڪم ڪندو آهيان،ڪمرشل پلاٽ خريد ڪندو آهيان،15-14 ماڻهو سيڙپڪاري ڪندا آهن،بلڊنگون اڏي ان جي نفعي مان اڌواڌ ڪندا آهيون، جنهن تي ان پير کيس چيو ته تون اسان جا پئسا به ڪٿي سيڙائي جنهن تي ان فراڊئي جواب ڏنو ته اها ته منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي،ٻه چار مهينن کانپوءِ اهو مريد وري پير وٽ آيو،هن اسلام آباد جي آرچرڊ سوسائٽي ۾ هڪ فارم هائوس ۾ يارهين شريف جو پروگرام منعقد ڪرايو،پير کي وڏي ڪرسي تي ويهاري نعتون ۽ حمد پڙهيا ويا،پروگرام بعد پير ان فراڊي مريد کي سيڙپڪاري لاءِ 10 ڪروڙ رپيا کن ڏئي ڇڏيا،ان عرصي دوران هو پير کي ڪجهه ڪجهه رقمون ڏيندو ويو،وري هڪ ڀيري پير کي 13 ڪروڙ رپيا ڏئي چيو ته 10 ڪروڙ توهان جي سيڙپڪاري واري رقم جا ۽ 3 ڪروڙ توهان جو منافعو آهي،پئسن سان ڀريل بيگ ۽ ٻوريون ڏسي پير صاحب ته پريشان ٿي ويو،پير پئسا وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اهي 13 ڪروڙ منهنجي طرفان وري سيڙائي ڇڏيو ٿورن ڏينهن  بعد ان مريد کيس چيو ته توهان جا پئسا هاڻي 16 ڪروڙ رپيا ٿي ويا آهن،لالچي پير وڏو خوش ٿي ويو،جنهن کانپوءِ پير صاحب ان مريد لاءِ خزاني جا در کلي ڇڏيا،هن مريد کي 50 ڪروڙ رپيا ڏئي ڇڏيا،مريد کيس چيو ته ڪراچي ۾ 6 ارب رپين جي  هڪ وڏي بلڊنگ ٺاهي رهيو آهيان،ڇهين حصي جا حصيدار توهان آهيو،پير لاءِ ڪراچي مان اسلام آباد چارٽرڊ فلائيٽ آئي،اهو پير جهاز ۾ اسلام آباد ڪراچي اها بلڊنگ ڏسڻ ويو،هڪ زير تعمير عمارت جو کيس معائنو ڪرايو ويو،ٿوري عرصي بعد پير ان مريد کي فون ڪيو ته اهو بند اچي رهيو هو،سڄو ڏينهن فون بند رهيو،ٻئي ڏينهن به فون بند اهو سلسلو هفتي تائين جاري رهيو،ان عرصي دوران پير وٽ هڪ شخص آيو ۽ کيس نويڪلائي ۾ چيو ته معاف ڪجو ڪجهه عرصو اڳ هڪ شخص توهان جي نالي تي شناختي ڪارڊ رکرائي اسان وٽان نئين مرسيڊيز گاڏي ڪرائي تي وٺي ويو هو،پهرين ته هو باقاعدگي سان پئسا ڏيندو هو پر ٻن مهينن کان ڪرائي جي مد ۾ ادائيگي نه پئي ٿئي،اسان ان ڪري آيا آهيون ته يا گاڏي جو ڪرايو ڏيو يا ڪرائي جي رهيل رقم سان گڏ گاڏي اسان کي واپس ڪريو،پير صاحب پريشان ٿي ويو،پير کي ياد آيو ته اهو مريد هن کان اڪائونٽ کولرائڻ بهاني سندس شناختي ڪارڊ به هڪ ڀيري وٺي ويو هو وري پير ان فارم هائوس تي ويو ته خبر پئي ته اهو فراڊي شخص اهو فارم هائوس به ڪرائي تي وٺندو هو،وري پير ڪراچي اها عمارت ڏسڻ ويو ته خبر پئي ته اها عمارت ڪنهن ٻئي جي آهي،اتي موجود عملي ٻڌايو ته ان مريد ٻڌايو هو ته پير صاحب ان عمارت جو هڪ پورو فلور خريد ڪرڻ چاهي ٿو ان ڪري اسان ان عمارت جو معائنو ڪرايو هو،بعد ۾ خبر پئي ته اهو فراڊ ئي هو،هاڻي پير ان فراڊئي کي ڳولڻ لاءِ پنهنجي پوري روحاني طاقت لڳائي رهيو آهي.

نوٽ : هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 03 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.