اوٽاوا (حنيف دوامي) ڄاڻ ملي آهي ته اڳوڻن پوليس جي اعليٰ عملدارن جا پٽ، ڌيئرون ۽ زالون به منشيات جي نيٽ ورڪ جو حصو آهن. ڪجهه منشيات استعمال ڪندي ڪندي ڊيلر بڻجي ويا آهن ته ڪي وري پارٽين ۾ وڃي سپلاءِ ڪري رهيا آهن. هوڏانهن سي آءِ اي جي وڏن آفيسرن ۾ تڪرار سبب هڪ ايس ايس پي هٽائڻ جو امڪان آهي، اڄ يا سڀاڻي کي هٽايو ويندو ۽ ان جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي بدلي ڪري سگهجي ٿو. هڪ رٽائر ايس ايس پي خلاف رپورٽ ڪرڻ تي حاضر سروس ايس ايس پي تي پوليس جا اعليٰ عملدار ڪاوڙيل آهن جڏهن ته ارمغان جي گهران هٿ آيل ٽجوڙيون خالي ڪرڻ جو به مٿس الزام آهي. هوڏانهن ارمغان خلاف منشيات بابت ڪيس داخل ڪيا ويا جڏهن ته مصطفيٰ خلاف به منشيات بابت ڪيس داخل ٿيا هئا. ذريعن موجب ڪٿي ائين ته ناهي ته ٻئي ڄڻا هڪ ادارن کي هڪ ٻئي خلاف استعمال ڪري رهيا هئا؟ ٻئي پاسي ارمغان آهستي آهستي ڊان بڻجي رهيو هو ۽ انڊر ورلڊ ٺاهي رهيو هو. جيئن هن 40 کان 50 سڪيورٽي گارڊ رکيا هئا. بلال ٽينشن ارمغان جو گارڊ هو ۽ هو کيس ڀتي کان بچائڻ بدران ڀتا خور بڻائي رهيو هو. زوما کان اڳ ڇوڪري کي فرار ڪرايو ويو هو ۽ بازل کي به فرار ڪرايو ويو جنهن ۾ پڻ هڪ اعليٰ اداري جا ماڻهو شامل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ارمغان کي به فرار ڪرائڻ جي تياري هئي پر گهر تي ڇاپو لڳي ويو.