اوٽاوا (حنيف دوامي) ساحر حسن ۽ ارمغان کي طاقتور ماڻهن جي سرپرستي حاصل رهي، جنهن سبب هو ڊفينس ۾ 4 سالن کان منشيات جو منظم نيٽ ورڪ هلائيندا رهيا. ۽ ادارن ساحر حسن خلاف ڪارروائي ڪري. ساحر حسن پهريون ڀيرو گرفتار ٿيو آهي، پر ان دوران انڪشاف ٿيو آهي ته هن ۽ سندس ساٿين هڪ بنگلي تي قبضو ڪري ان کي ئي منشيات جو هيڊ ڪوارٽر بڻائي ڇڏيو هو. هڪ اداري جا ڪجهه ماڻهو نيٽ ورڪ جو حصو هئا جيڪي منشيات فراهم ڪرڻ توڻي ڀتو وٺڻ ۾ ملوث هئا. ساحر حسن جو وڪيل هڪ پوليس عملدار جي پٽ جو پارٽنر آهي، جنهن سبب ڪيس کي ختم ڪرائڻ جون ڪوششون جاري آهن. امڪان آهي ته ساحر حسن جلد آزاد ٿي سگهي ٿو.