ڪراچي (م ڊ) مقتول مصطفيٰ عامر ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ارمغان جي منشيات جي عالمي نيٽ ورڪ ۾ ڪهڙا ڪهڙا وڏا نالا شامل آهن، هن وڏا ۽ غيرقانوني بور جا هٿيار ڪٿا ۽ ڇو خريد ڪيا، ان حوالي سان جاچ وسيع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان لاءِ خاص ٽيم ڊي جي اينٽي نارڪوٽڪس کي خط لکندي. جاچ ذريعن موجب اينٽي نارڪوٽڪس ارمغان ۽ ساحر حسن کان منشيات جي خريد ۽ وڪري ۾ ملوث وڏن نالن جا تفصيل ڄاڻيندي، ٻئي مرحلي ۾ ارمغان ۽ ساحر جي جاچ ۾ ايندڙ وڏن نالن جي گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي. هٿيارن بابت سي ٽي ڊي به فرانزڪ ڪرائيندي، هٿيارن سان دهشتگردي جي حوالي سان به جاچ ٿيندي.