ڪراچي(م ڊ) نوڪري ڪندڙ ارمغان ڪروڙ پتي ڪيئن بڻيو؟ايف آءِ اي جي جاچ ۾ اهم انڪشافن جو امڪان آهي،بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني ٽريل جي جاچ شروع ڪئي وئي،ساحر حسن جي اڪائونٽس جي به ڇنڊڇاڻ شروع،جوابدار ارمغان 20129ع تائين ملازمت ڪري گذرسفر ڪندو هو،ايف آءِ اي مطابق ارمغان پنهنجي ڪال سينٽرن کان پهرين ٻن نجي ڪمپنين ۾ ملازمت ڪري چڪو آهي،ٻنهي ڪمپنين جي حوالي سان ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي،ذريعن موجب ارمغان کي جيل ۾ مڪمل پروٽوڪول مليل آهي،اطلاع آهن ته ڪال سينٽر ۾ ڪم ڪندڙ زوما کي هڪ اداري حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ان کي اي وي سي سي حوالي ناهي ڪيو ويو،منشيات ڪيس ۾ هڪ عورت اداڪاره جو نالو به اچي رهيو آهي جيڪا شوبز جي دنيا ۾ ويڊ وڪرو ڪندي هئي،