ايم اين ايز جي پگهارن ۾ واڌ ڪندڙ قومي اسيمبلي جا 200 ملازم برطرف

اسلام آباد(ع آ نيوز) قومي اسيمبلي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ 200 کان وڌيڪ ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي، ايم پي ايز پنهنجي پگهارن ۾ لڳ ڀڳ 300 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي، سرڪاري دستاويز  ظاهر ڪن ٿا. رپورٽ موجب پارلياماني سال جي پڄاڻي تي شايع ٿيل پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ چيو آهي ته ساليانو هڪ ارب رپيا بچائڻ لاءِ رائيٽ سيزنگ جي 2 مرحلن دوران 220 ملازمن کي برطرف ڪيو ويو. اسپيڪر سردار اياز صادق جي سربراهي ۾ قومي اسيمبلي جي فنانس ڪميٽي سيڪريٽريٽ جي ڪارروائي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي پاليسين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پهرين 2 مرحلن ۾، گريڊ 1 کان 19 ۾ غير ضروري پوسٽن کي ختم ڪيو ويو، اسيمبليء جي خرچن کي 563 ڪروڙ کان وڌيڪ گھٽائي ڇڏيو. سڌارن جو ٽيون مرحلو شروع ڪيو پيو وڃي ته جيئن هر سال هڪ ارب رپيا بچائي سگهجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.