رٽائر ميجر ماڻهن جا ڪروڙين رپيا ٺڳڻ جي الزام ۾ گرفتار

اسلام آباد (جاويد چوڌري) لاهور ۾ نئون ڊبل شاهه ظاهر ٿيو، جيڪو رٽائرڊ فوجي آفيسر ميجر صفدر مهدي نڪتو. هن اسٽاڪ ايڪسچينج جي تيزي مان فائدو وٺڻ جو سوچي رٽائر آفيسرن ۽ ٻين ماڻهن کي 40 سيڪڙو منافعو ڏيڻ جو لالچ ڏئي فراڊ ڪيو.  ميجر صفدر مهدي عسڪري اليون ۾ ڪرائي جي گهر ۾ رهندو هو، بعد ۾ هن آفيس به قائم ڪري ورتي. هن هڪ کان پيسا وٺي ٻين کي ڏيڻ جي پانزياسڪيم هلائي، جنهن ۾ 180 کان وڌيڪ ماڻهن جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا. ڪيترائي رٽائرڊ فوجي آفيسر، سياستدان، ڪاروباري ماڻهو به سندس دوکي ۾ اچي ويا. ڪجهه وقت بعد صفدر مهدي روپوش ٿي ويو، سندس آفيس ۽ گهر کي تالا لڳي ويا. جڏهن متاثر ٿيل بااثر ماڻهن کيس ڳولي ورتو، ته هن اعتراف ڪيو ته سڀني جا پيسا ضايع ٿي ويا آهن. پوليس کيس گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پر اطلاع موجب صفدر مهدي جي ڪا به ملڪيت يا گاڏي ناهي، جنهن مان متاثر ماڻهن کي رقم واپس ملي سگهي. اهڙي وڏي ٺڳي ۾ رٽائرڊ آفيسر به اچي ويا، ته عام ماڻهن لاءِ اهڙن اسڪينڊلن کان بچڻ اڃا به مشڪل ٿي ويو آهي.

نوٽ : هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 03 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.