پيڪا قانون رد، حڪومت اظهار جي آزادي تي بندشون ختم ڪري :صحافي ڪنوينشن

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين جي ڪنوينشن ۾ پيڪا قانون مڪمل طور رد ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل پڌرنامي  موجب اجلاس مڪمل طور تي پيڪا قانون کي رد ڪري ٿو. اهو وقت اچي ويو آهي ته حڪومت اظهار جي آزادي تي لڳل سموريون پابنديون فوري طور ختم ڪري.  اجلاس مطالبو ڪيو ته جعلي خبرن جي آڙ ۾ سرگرم صحافين ۽ ميڊيا هائوسز خلاف انتقامي ڪارروائين جو سلسلو بند ڪيو وڃي. جلاس ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته صحافي برادري سول سوسائٽي ۽ سمورين جمهوري قوتن سان گڏجي پي سي اي ۽ اهڙن سمورن قانونن خلاف قانون ۽ جمهوريت جي دائري ۾ رهي هر ممڪن ڪوششون جاري رکندي.   سياسي پارٽين کي به اهو عزم ڪرڻ گهرجي ته اهي اقتدار ۾ ايندي ئي پيڪا سميت سمورا ڪارا قانون ختم ڪري ڇڏيندا. اجلاس ميڊيا مالڪن ۽ ميڊيا هائوسز کان مطالبو ڪيو ته ملازمن کي بروقت پگهارن جي ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي، جبري برطرفيون بند ڪيون وڃن ۽ ملازمن جا بقايا فوري ادا ڪيا وڃن. سمورن ميڊيا هائوسز مالڪن کي گهرجي ته هو پنهنجي ملازمن کي طبي سهولتون فراهم ڪن. اجلاس ميڊيا مالڪن ۽ ميڊيا هائوسز کي چتاءُ ڏئي ٿو ته جيڪڏهن انهن پنهنجي مزدور دشمن پاليسين کي تبديل نه ڪيو ته پريس ڪلب آڏو سڄي صحافي برادري سان گڏ منظم تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.