چيمپيئنز ٽرافي: پي سي بي شوقينن لاءِ وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، سيمي فائنل جي لائين اپ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ شوقينن لاءِ هڪ اهم اعلان ڪيو آهي.
آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان جي ميزباني ۾ جاري آهي.
جيتوڻيڪ پاڪستان ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي چڪو آهي، پر مايوس شوقينن لاءِ خوشخبري آهي، خاص طور انهن لاءِ جيڪي ٽڪيٽ هئڻ باوجود برسات سبب ميچون نه ڏسي سگهيا.
پي سي بي اعلان ڪيو آهي ته برسات سبب رد ٿيل ميچن جي ٽڪيٽن جي رقم واپس ڪئي ويندي، خاص طور تي انهن ميچن لاءِ، جن ۾ ٽاس به نه ٿي سگهيو.
پي سي بي جي پڌرائي موجب، ٽاس کان اڳ ختم ٿيندڙ ميچن جي سمورن انڪلوزرز جي ٽڪيٽن جي رقم سندن خريدارن کي واپس ڪئي ويندي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته هاسپٽليٽي باڪسز (باڪس ۽ پي سي بي گيلري) جا ٽڪيٽ هولڊرز رقم واپسي جي اهل نه هوندا.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڄاڻايل ميچن جي ٽڪيٽ هولڊرز کي آگاهه ڪيو آهي ته هو 10 کان 14 مارچ تائين چونڊيل ڪوريئر ڪمپني جي آئوٽ ليٽس تي رقم جي واپسي جي دعويٰ ڪري سگهن ٿا.
ان کانسواءِ شوقينن کي رقم جي واپسي لاءِ اصل ۽ بنا نقصان ٿيل ٽڪيٽ پڻ پيش ڪرڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.