تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ مهانگائي ۽ ايراني ريال جي قدر گهٽجڻ تي ناڻي واري وزير خلاف مواخذي جي ڪارروائي دوران پارليامينٽ کيس عهدي تان هٽائڻ جي حق ۾ ووٽ ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ايراني پارليامينٽ جي 273 مان 182 ميمبرن ناڻي واري وزير عبدالناصر همتي خلاف ووٽ ڏنو.
عبدالناصر همتي ايراني ناڻي ۽ اقتصاديات جو وزير هو، ايراني صدر مسعود پزشڪيان جي 8 مهينا اڳ جوڙيل ڪابينا جو حصو بڻيو هو.
ميڊيا رپورٽن موجب، اڄ بليڪ مارڪيٽ ۾ هڪ آمريڪي ڊالر جي قيمت 9 لک 20 هزار ايراني ريال تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته 2024 جي وچ ڌاران اها 6 لک ريال کان گهٽ هئي.
ان کان اڳ ايراني صدر مسعود پزشڪيان عبدالناصر همتي جو دفاع ڪندي قانون سازن کي چيو ته، ”اسان دشمن سان مڪمل معاشي جنگ ۾ آهيون ۽ اسان کي جنگي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي.“
هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي معاشي مسئلن جي ذميواري ڪنهن هڪ شخص تي نٿي وجهي سگهجي.