متحدا قومي موومينٽ هڪ ئي آهي، ” ايم ڪيو ايم لنڊن“ نالي ڪا به شئي ڪونهي: خالد مقبول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال کي وزير بڻائڻ بابت کيس اڳواٽ اطلاع نه ڏنو ويو، جڏهن هو جهاز ۾ هو ته کيس حلف برداري لاءِ فون آيو.
نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويوءَ دوران خالد مقبول صديقي چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پي ايس پي جو گڏجڻ هڪ غيرمعمولي فيصلو هو، ٻنهي ڌرين ۾ ان وقت ويڇا هئا، جيڪي وقت سان گڏ گهٽجي ويندا.
هن چيو ته پارٽي ۾ ڪجهه ماڻهن طرفان سنڌ جي گورنر کي پسند يا ناپسند ڪرڻ فطري ڳالهه آهي، هر پارٽي ۾ مختلف فيصلا ورڪرن جي نظر ۾ الڳ هوندا آهن، پر منهنجي موجودگي ۾ ڪنهن کي پارٽي ڇڏڻ جي ضرورت نه پوندي.
خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته ڪجهه ڀيرا مٿانهين سطح تي ويٺل ماڻهو وڌيڪ ڄاڻ رکندا آهن ۽ مشڪل فيصلا ڪندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن پارٽي جي وڏن جي فيصلي جو مطلب هيٺين سطح تي صحيح طريقي سان نه پهچندو آهي.
هن 2016 واري فيصلي جو ذڪر ڪندي چيو ته ان کانپوءِ جيڪا مدد ملڻ گهرجي ها، اها ڪيترن ئي ماڻهن جي روڪڻ سبب نه ملي. جڏهن ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ته اسان جون آفيسون بند ڪيون ويون جيئڻ جنجال ڪيو ويو.
هن وضاحت ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي کي ختم نه ڪيو ويو آهي، پر هڪ ليڪ ٿيل وڊيو جي جاچ لاءِ عارضي طور معطل ڪيو ويو آهي، قانوني ۽ آئيني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ رابطا ڪميٽي ختم نٿي ٿي سگهي، جلد ئي ان کي بحال ڪرڻ وارو معاملو حل ڪيو ويندو.
خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته وفاقي وزارتن لاءِ شروع ۾ سندس نالو ئي نه هو، اسان ٻيا نالا پيش ڪيا هئا، پر هنگامي بنيادن تي ڪابينا ٺاهڻي هئي، تنهنڪري هن نالو سامهون آيو.
هن چيو ته هو ٽئين ڀيرو اهڙي صورتحال مان گذريو آهي ۽ هر ڀيري استعيفيٰ ڏني آهي، مون وٽ ٻه وزارتون هيون، جن مان هڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم 22 سيٽن سان نون ليگ جي سڀ کان وڏي اتحادي آهي، تنهنڪري وفاقي ڪابينا ۾ ايم ڪيو ايم جي نمائندگي وڌيڪ هجڻ گهرجي ها، شروعات ۾ نون ليگ جي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ کان معذرت ڪئي هئي، جيڪي وزارتون مليون، اهي نه پيا چاهيون، اسان جون ترجيحون ڪجهه ٻيون هيون.
ڪراچي جي ميئر بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هاڻي ميئر اهو نٿو چئي سگهي ته مون وٽ اختيار نه آهن، اختيار ڏيڻ وارو سندس پنهنجو وڏو وزير آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي واضح پاليسي رکي ٿي ته ڪٿي ڪم ڪرڻو آهي ۽ ڪٿي نه جڏهن ته ايم ڪيو ايم هڪ ئي آهي، ”ايم ڪيو ايم لنڊن“ نالي ڪا به شئي موجود ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.