پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا حڪومت جي سڌ سماءُ بابت صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته صوبائي حڪومت هنگامي بنيادن تي وفد افغانستان موڪلڻ چاهي ٿي، وفاق جلد ٽي او آرز منظور ڪري.
بئريسٽر محمد علي سيف پنهنجي بيان ۾ چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت پنهنجي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي ترجيح ڏئي ٿي، تنهنڪري وفاق کي دهشتگردي جهڙي اهم مسئلي تي سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته وفاق کي پنجاب ۽ سنڌ جي وڏن وزيرن جي پرڏيهي دورن تي ڪو اعتراض ناهي، مريم نواز جيڪڏهن ڀارت سان سموگ ڊپلوميسي ڪري سگهي ٿي ته پوءِ خيبرپختونخوا حڪومت دهشتگردي جي مسئلي تي افغانستان سان ڳالهيون ڇو نه ڪري سگهي؟ وفاق جي منافقاڻي پاليسي سبب صوبي ۾ احساسِ محرومي وڌي رهي آهي.
You might also like