ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار ارمغان قريشيءَ خلاف هڪ ٻيو ڪيس سامهون آيو آهي.
پوليس اختيارين موجب، ارمغان قريشيءَ خلاف اپريل 2024 ۾ وڪيل سيف ايڊووڪيٽ جي فرياد تي ٿاڻي بوٽ بيسن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
فرياديءَ جي وڪيل پنهنجي بيان ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدار ارمغان پنهنجي خلاف هلندڙ ڪيسن ۾ پيش ٿيندڙ وڪيلن کي ڌمڪي جوڳا پيغام اُماڻيا هئا.
فريادي موجب، 22 اپريل 2024 تي ارمغان واٽس ايپ ذريعي پيغام موڪليو ته ”جيڪڏهن پوئتي نه هٽيس ته ماريو ويندس يا گم ڪيو ويندس.“
هن الزام هنيو ته جوابدار نه رڳو کيس پر سندس خاندان کي به گاريون ڏنيون هيون.
You might also like