معاشي حالتون ڪمزور قرار، اڪثر شهري پريشان، ملڪ ”غلط“ رستي تي آهي: سروي

اسلام آباد(م ڊ) موجوده حڪومت کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اپسوس جي جاري ڪيل سروي مطابق، معاشي خدشا پاڪستانين کي پريشان ڪري رهيا آهن، پوءِ به بهتري جي اميدون 6 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويون آهن، رپورٽ موجب، 10 مان 7 پاڪستانين جو خيال آهي ته ملڪ ”غلط“ رستي تي آهي، معاشي خدشات اڃا به وڏا آهن پر 2025 ۾ خاص طور تي گهٽجي ويا آهن، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ناڻي جي پکيڙ جي شرح 18 سيڪڙو تائينگهٽجي وئي، جيڪا چئن سالن ۾ هيٺين سطح تي اچي وئي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هر 3 مان 2 پاڪستاني ملڪ جي موجوده معاشي حالتن کي ڪمزور قرار ڏين ٿا، جڏهن ته ان کي مضبوط سمجهڻ وارن جو انگ 2024 جي پهرين ٽه ماهي کان وٺي پنج ڀيرا وڌي ويو آهي، سروي موجب 31 سيڪڙو ماڻهن پاڪستان جي اقتصادي رخ کي درست قرار ڏنو آهي، اها شرح سيپٽمبر 2023 ۾ سڀ کان گهٽ يعني 2 سيڪڙو هئي، سروي موجب گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت چئني صوبن ۾ شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ معاشي بهتري نظر آئي، سروي موجب، ملازمت جي سيڪيورٽي جي حوالي سان اعتماد  ۾ 19 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جيڪا هيل تائين بلند ترين سطح آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو ته 88 سيڪڙو پاڪستاني پنهنجي روزاني گهريلو خريداري مان مطمئن نه آهن، جڏهن ته هڪ سال دوران انهن خريدارين ۾ اطمينان ٽيڻ تي وڌي ويو آهي، سروي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ 69 سيڪڙو ماڻهو پريشان آهن، پر مقامي معاشي حالتن بابت پراميديءَ ۾ وڏي پئماني تي اضافو ٿيو آهي، آگسٽ 2024ع ۾ اها 12 سيڪڙو هئي ته فيبروري 2025ع ۾ 31 سيڪڙو تائين ٿي وئي آهي، پنجن مان ٽن پاڪستانين کي اميد آهي ته سندن ذاتي مالي حالت ايندڙ ڇهن مهينن ۾ ڪمزور ٿي ويندي، جڏهن ته پنجن مان هڪ پراميد آهي، اها توقع آگسٽ 2024 کان مسلسل وڌي رهي آهي، رپورٽ موجب لڳ ڀڳ 88 سيڪڙو پاڪستاني مستقبل ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ پر اعتماد محسوس نٿا ڪن، پوءِ به مستقبل جي بچت ۾ اعتماد گذريل سال کان 30 سيڪڙو وڌي ويو آهي، اهڙي طرح 10 مان 8 پاڪستاني پنهنجون نوڪريون محفوظ محسوس نٿا ڪن، جڏهن ته 19 سيڪڙو محفوظ محسوس ڪن ٿا، جن ۾ مرد ۽ وچين آمدني وارا گروپ سڀ کان وڌيڪ پراعتماد آهن ۽ اعتماد جي اها سطح سڀ کان وڌيڪ آهي، اعتماد جي اها سطح ڪنزيومر ڪنفيڊينس انڊيڪس (سي سي آءِ) ٽريڪنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ بلند ترين سطح تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.