ڪراچي (م ڊ) ڪي پي ٽي چيئرمين چيو ته ڪي پي ٽي زمينن تي حددخلين کي ڏنل سڀ سندون ختم ڪيون ونديون، پورٽ ٽرسٽ جي زمينن کي سياسي دٻاءَ کان مٿانهون ٿي خالي ڪرايو ويندو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي، ڪمشنر هائوس يا ادارن وٽان ڏنل سندون رد ٿينديون. مهيني ۾ 55 ايڪڙ زمين خالي ڪرائي، خالي ڪرايل زمين تي چوديواري لڳائي ڪرائي تي ڏني پئي وڃي. پورٽ قاسم تي 30 ايڪڙ زمين تي قبضو آهي، 7.5 ايڪڙ زمين تي سنڌ حڪومت 2010 ۾ ٻوڏ متاثرن کي آباد ڪيو. ٻوت متاثرن کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته رٽ کي چئلينج ڪيو وڃي ٿو، 22 ايڪڙ تي به ڪچي آبادي آهي، معاملو عدالت ۾ آهي، وزيراعليٰ سان ملاقات ڪئي، گرينڊ آپريشن جلد شروع ٿيڻ وارو آهي.