اسلام آباد(جاويد چوڌري)ناليوارن اينڪرن ڪاشف عباسي،حبيب اڪرم،اڪبر باجوا،خالد جميل جي آف ايئر ٿيڻ بعد ٻن وڌيڪ اينڪرن جي آف ايئر ٿيڻ جو وقت اچي ويو،اي آءِ واءِ نيوز جي ڪاشف عباسي لاءِ پهرين چيو ويو ته هو هفتي لاءِ موڪل تي آهي پوءِ ٻه هفتا چيو ويو پر هاڻي چيو پيو وڃي ته ڊگهي موڪل تي آهي،جيستائين”مٿان کان”اين او سي“ نٿي ملي ڪاشف عباسي پروگرام نه ڪري سگهندو، ذريعن موجب عمران خان جي اشو تي اي آءِ واءِ نيوز سڀ کان اڳڀرو رهيو آهي،ان چئنل به هاڻي يوٽرن وٺي موجوده رجيم سان گڏ هلڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي،هاڻي جيڪو چيو ويندو اهو ئي اي آر واءِ نيوز هلائيندو،انهن عمران خان جو ساٿ ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ايندڙ وقت ۾ اي آر واءِ نيوز تي پي ٽي آءِ جا اڳواڻ نظر نه ايندا،ادارن تي تنقيد ڪندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ سوشل ميڊيا تي نظر ايندا پر ڪنهن چئنل جي ٽاڪ شو جو حصو نه هوندا،جڏهن ته عورت اينڪر پارس جهانزيب به آف ايئر ٿي وئي آهي،هن جي ٽوئيٽ آئي ته مون سنو ٽي وي ڇڏي ڏني آهي،پارس جهانزيب هڪ پروفيشنل صحافي آهي هن جي ڪنهن جماعت سان وابستگي ناهي،آفيس مان پنهنجو ڪم ڪري گهر واپس هلي ويندي آهي،جڏهن ته طلعت حسين به نيوٽرل صحافي آهي،هن جي باري ۾ به تاثر آهي ته کيس آف ايئر ڪيو ويو آهي،هڪ اطلاع اهو آهي ته هو پنهنجي ڌيءُ جي داخلا جي لاءِ ٻن ٽن هفتن لاءِ موڪلن تي انگلينڊ ويو آهي،اداري جو مٿس ڪو دٻاءُ ناهي،هن رڳو مريم نواز جي 60 صفحن واري سپليمينٽ تي تنقيد ڪئي آهي پر ان تڪراري اشتهار تي سمون اينڪرن تنقيد جائزو ڏنو آهي،ٻيو تاثر اهو آهي ته طلعت حسين هڪ ٽوئيٽ ڪئي آهي ته ”مان سما ٽي وي ۽ پنهنجي يوٽيوب چئنل ايس ٽي ايڇ تان آف ايئر ٿي ويو آهيان،اهو ٿوري وقت لاءِ آهي،جلدي واپس اچي ويندس“ ٻئي پاسي ناليواري صحافي حامد مير ۽ اينڪر شهزاد اقبال جا نالا به اچي رهيا آهن،حامد مير تي هر دور ۾ نزلو ڪريو آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، آچر 02 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو