اسلام آباد(نجم سيٺي)ميڊيا مالڪن کي هڪ فون ايندو آهي ته فلاڻو اينڪر زيادتي پيو ڪري،هڪ طرفي ڪهاڻي پيو ٻڌائي،فيڪ نيوز به هلائن ٿا،انهن جو پروگرام هڪ سياسي جماعت جي حق ۾ آهي،ان کانپوءِ ميڊيا مالڪ اينڪر کي چون ٿا ته اسٽيبلشمينٽ جو به موقف ڏيو،اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت وٽ ميڊيا کي تنگ ڪرڻ جا ذريعا آهن،اينڪر سندن مرضي جو موقف نٿا ڏين ته ميڊيا مالڪن ۾ ايتري جرئت ئي ناهي ته ان اينڪر کي برقرار رکي سگهن،ميڊيا هاڻي صحافين جي هٿن مان نڪري واپارين جي هٿن ۾ اچي وئي آهي،ميڊيا مالڪ صحافت بدران پهرين پنهنجي ڪاروبار کي ڏسن ٿا،ميڊيا جي آزادي کي بعد ۾ ڏسن ٿا،اڄڪلهه جي حالتن ۾ ميڊيا مالڪن وٽ اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت کي انڪار ڪرڻ جو آپشن ئي ناهي،هاڻي وارننگ به ڏني وڃي ٿي ۽ چئنلن تان آف ايئر به ڪيو وڃي ٿو،هاڻي پاليسي ۾ سختي ڏٺي پئي وڃي،آف ايئر ٿيندڙ اينڪرن کان علاوه ٻيا گهڻا صحافي ۽ اينڪر اهڙا به آهن جن سان حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ رابطا ڪري چوندي آهي ته ڏسو هن پروگرام ۾ توهان هي هي غلط چيو،اسان جو موقف به هلايو وڃي،هن وقت بيلنس ٿي هلڻ جي ضرورت آهي،جن ماڻهن کي ٽي وي تي هٽرايو ويو آهي اهي هاڻي يوٽيوب تي وي لاگ ڪندا،مسئلو ته برقرار آهي هاڻي انهن خلاف پيڪا قانون حرڪت ۾ ايندو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، آچر 02 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو