ڪراچي (م ڊ) سڄي ملڪ جيان ڪراچي ۾ رمضان جي آمد سان ئي ڀاڄين، ميون سميت کاڌ خوراڪ جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪئي وئي. واهپيدارن جو چوڻ آهي ته ڀلاري مهيني ۾ نيڪيون ڪمايون وڃن ٿيون پر پاڪستان ۾ ناجائز ڪمائي جو مهينو بڻايو ويو آهي. هڪ سروي موجب بصر 80 رپين کان 100 رپيا، پٽاٽا 70 کان 80 رپيا، ٽماٽا 40، ٿوم 800 رپيا، ادرڪ 600 کان 800، ليمو 800، ساوا مرچ، ساوا بصر، شملا مرچ 200 رپيا ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن. واڱڻ، بند گوبي، پالڪ، موري، گجر 80 رپيا، گل گوبي، گوگڙو 100 رپيا، لوڪي ۽ چقندر 120، توريون 160، ڪريلا، ڀينڊي 240 رپيا، ڌاڻا ۽ ڦودونو 20 کان 30 رپين ۾ وڪرو ٿين ٿا. ميون ۾ ڪيلا 200 کان 300 رپيا، گدرو 120 کان 150 رپيا، نارگيون 400 کان 700 رپيا درجن، هنداڻو 200 رپيا، اسٽرابيري 600 کان 800 رپيا، زيتون 300، پپيتو 300 رپيا، کجي 400 کان 800 رپيا ڪلو ۾ وڪرو ٿئي ٿي. ان کانسواءِ هڏي وارو گوشت 1300 کان 1500، بنا هڏي وارو 1600 کان 1800، ٻاڪرو گوشت 2200 رپيا، ڪڪڙ جو گوشت 700 رپيا ڪلو ۾ وڪرو ٿئي ٿو. ڦيني 1000 کان 1400، سموسا 480 رپيا درجن، ڏهي ڀلا 800 رپيا ڪلو ۾ وڪرو ٿين ٿا. شهرين جو چوڻ آهي ته پهرئين روزي کان اڳ ئي مهانگائي وڌي وڃي ٿي، انتظاميا جا ڪجهه سرڪاري آفيسر ڪجهه مارڪيٽن ۾ اچن ٿا ۽ ڪجهه ڏڪاندارن تي ڏنڊ هڻي عوام کي ڏيکارين ٿا ته ڪم ٿي رهيو پر ظاهري طور اها ڳٺ جوڙ هوندي آهي. نيڪيون ڪمائڻ جي ڀلاري مهيني کي ڪمائي جو مهينو بڻايو ويو آهي. خيال رهي ته ڪمشنر جي جاري ڪيل اگهوتري رڳو ڪاغذ جو ٽڪرو ثابت ٿي آهي. ڪمشنر ڪراچي جي جاري ڪيل اگهوتري ۾ بصرن جو اگهه 63 رپيا في ڪلو، ٿوم 610، ڪيلا 145، صوف 219، زيتون 138، موسمي 161، اسٽرابيري 161، سرڪاري اگهه ۾ پٽاٽا 63 رپيا، مرچ 58، ڌاڻا 5، ڦودنو 6 رپيا ڏيکاريل آهي.