ڪراچي (ويب ڊيسڪ موسميات کاتي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سڀاڻي رات کان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب، اولهندي هوائن جو سلسلو سڀاڻي ملڪ جي اولهه علائقن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، جنهن سبب 2 مارچ جي رات کان 3 مارچ جي صبح تائين سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ گجگوڙ سان برسات ٿي سگهي ٿي.
ڪمشن موجب، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات يا بوندا باندي جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، سومر کان ڪراچي ۾ تيز هوائون گُهلڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڏينهن جو گرمي پد 30 کان 32 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.
You might also like