اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايون صدر حڪومت کان هڪ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ گهري ورتي.
ذريعن موجب، صدر آصف زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خطاب کان اڳ حڪومت کان رپورٽ طلب ڪئي آهي.
صدر پنهنجي تقرير ۾ حڪومت جي اهم معاشي قدمن جا نتيجا بيان ڪندو ۽ ڪشمير، فلسطين سميت علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به ڳالهائيندو.
اپوزيشن جي امڪاني احتجاج کي نظر ۾ رکندي، صدر جي خطاب جو دورانيون 20 کان 25 منٽ رکيو ويو آهي.
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 10 مارچ تي سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جتي صدر جي خطاب سان ٻئي پارلياماني سال جي شروعات ٿيندي.
اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ڪندو، جڏهن ته عسڪري قيادت، گورنرن، چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪرن کي به شرڪت جي دعوت ڏني ويندي.